شرجيل انعام ميمڻ

شرجيل انعام ميمڻ

شرجيل انعام ميمڻ

شرجيل انعام ميمڻ: سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير، انعام ميمڻ'>شرجيل انعام ميمڻ، 14 جون 1974ع تي، انعام الحق ميمڻ جي گهر، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماڊل اسڪول مان مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس پاس ڪرڻ کانپوءِ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ مان بِي. اِي (سوِل) ڪئي، جنهن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي اڪنامڪس جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس والد بزنس مئن هو، 2000ع ڌاري شرجيل ميمڻ پنهنجي والد سان گڏجي ڪاروبار ۾ هٿ ونڊايو. ڪجهه سال حيدرآباد ۾ ڪنسٽرڪشن جو ڪاروبار ڪرڻ کانپوءِ شرجيل ان کي ڪراچي منتقل ڪيو ۽ گڏوگڏ ‘مارئي اسٽيٽس’ جي نالي سان هڪ اسٽيٽ ايجنسي کولي، جنهن جي شاخ دبئيءَ ۾ به کولي ۽ اهو ڪاروبار اڄ به هلندڙ آهي. شرجيل انعام، شاگرديءَ واري عرصي کان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. سياست ۾ شرجيل ميمڻ کي مخدوم امين فهيم وٺي آيو. پارٽيءَ طرفان کيس 2009ع ۾ ننگرپارڪر واري تڪ پي. ايس 62، تان ارباب عبدالله جي وفات سبب خالي ٿيل تڪ تي ضمني چونڊ ۾ ٽڪيٽ ڏني وئي. ان تڪ تي مقابلي ۾ بيٺل اڳوڻي ضلعي ناظم (ٿرپارڪر) ارباب انور کي شڪست ڏئي، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. 2010ع ۾ کيس سنڌ جي اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتي جو قلمدان ڏنو ويو، 2013ع وارين عام چونڊن ۾ انعام ميمڻ'>شرجيل انعام ميمڻ، پي. ايس 50 (حيدرآباد اولڊ) واري تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن دوران اطلاعات کاتي جو وزير رهيو.
هي مختلف وقتن تي سنڌ اسيمبليءَ جي مختلف اسٽئڊنگ ڪميٽين جو ميمبر پڻ رهيو آهي، جن ۾ مائينز ۽ منرل ڊولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جون ڪاميٽيون شامل آهن.
شرجيل ميمڻ ڪرپشن جي ڪيسن سبب دبئيءَ هليو ويو، جنهن بعد کانئس اطلاعات کاتي سنڌ جو قلمدان واپس ورتو ويو. ڏيهه واپس ورڻ بعد سياست ۾ سرگرم آهي.


لفظ شرجيل انعام ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.06.14  عيسوي

سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير، شرجيل انعام ميمڻ، 14 جون 1974ع تي، انعام الحق ميمڻ جي گهر، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا ذهين شاهه تاجي
هما مير
ڊائنا
الاهي بخش ٻانڀڻ2
حاجي غلام حسين ميمڻ
مير بزرگ بکري
سيد بايزيد
ابو الڪسيس الزهراوي
انور سيال
پاويل جوڻيجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون